اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف کي ٻاهرين دشمنن جي ضرورت ناهي

nasir shah

اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف کي ٻاهرين دشمنن جي ضرورت ناهي، ان جا پنهنجا  ئي ڪافي  دشمن آهن.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته ن ليگ جي چوڻ تي نيب سنڌ ۾ پ پ خلاف ڪارروايون ڪيون، شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪيس داخل آهن.

 صوبائي وزير ٻڌايو ته  پي ٽي آءِ وارا نيب قانون جي تعريف پيا ڪن، اهي پاڻ جوڊيشل ڪميشن ۾ نيب خلاف ويا آهن.

ناصر شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاق بجلي جي معاملي تي سنڌ سان زيادتيون ڪري رهي آهي، لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته  گورنر محمد زبير کي سنڌ جي معاملن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، پر گورنر ن ليگ جي مهم هلائي رهيو آهي.

ناصر حسين شاهه چيو ته نواز ليگ وارا جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏئي پاڻ پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 ججن مان 2 ججن وزيراعظم نواز شريف خلاف فيصلو ڏنو هو کيس ان وقت ئي باعزت نموني سان استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي ها.

 ناصر حسين شاهه چيو ته کين ڄاڻ آهي ته گورنر نيب قانون ختم ڪرڻ واري بل تي صحيح ڪرڻ بدران ان کي واپس ڪري ڇڏيندو، سنڌ اسيمبلي ٻيهر اهو بل پاس ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*