وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته هر سليوٽ پروٽوڪول کي نه ٿيندو آهي

mariyam nawaz

وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته هر سليوٽ پروٽوڪول کي نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن اوهان جي ڪو عزت ڪري ته اسان تي به لازم آهي ته ان جي عزت ڪريون.

پروٽوڪول آفيسر پاران سليوٽ ڪرڻ واري معاملي تي رد عمل ظاهر ڪندي مريم نواز چيو آهي ته احترام دل سان ٿيندو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو اوهان جي عزت ڪري ته اوهان جو به فرض آهي ته ان جي عزت ڪريو.

مريم نواز چيو ته اسان عهدن کي نه پر ڌيئرن کي سليوٽ ڪندا آهيون.

واضح رهي ته مريم نواز  سوشل ميڊيا تي عورتن جي ڏينهن تي پوليس اهلڪار  جي سليوٽ ڪرڻ واري تصوير شيئر ڪئي هئي، جنهن تي مٿس وڏي تنقيد ٿي هئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*