وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو

pm army cheif

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪنهن ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جهڙو ڪردار ناهي نڀايو.

وزيراعظم نوازشريف جي  صدارت هيٺ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽِي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ آرمي چيف قمر جاويد باجوه، ڳجهن ادارن جي سربراهن ۽ وفاقي وزيرن  شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پاڪستان ۾ افغانستان مان ٿيندڙ مداخلت وارو معاملو سڌيءَ ريت افغان قيادت آڏو رکڻ ۽ پاڪستان ۾ “ را” جي مداخلت بابت دوست ملڪن کي به آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ شريڪ قيادت پاران والاريل ڪشمير ۾ شهرين تي ڀارتي فوج جي ظلمن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پاڪ افغان معاملن، آپريشن ردالفساد ۽ ضرب عضب جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو

ذريعن موجب، وزيراعظم نوازشريف تاجڪستان ۾ اشرف غني سان ملاقات ۾  ٿيل ڳالهين کان آگھاهه ڪيو.

وزيراعظم نوازشريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

نوازشريف چيو ته ڪنهن ملڪ دهشتگردي خلاف پاڪستان جهڙو ڪردار ناهي نڀايو، علائقائي امن ڪشمير مسئلي جي حل سان ڳنڍيل آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*