پاڪستان ۽ چين 21 معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون

پاڪستان ۽ چين 21 معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشت نامن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، وزيراعظم نواز شريف، چيني هم منصب کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سندس دوري سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڌرڻن سبب جيڪو ڪم اڌورو رهجي ويو آهي، ان کي نئون روح پڻ  ملندو.

ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهتل وزيراعظم نواز شريف چيني هم منصب ۽ چيني صدر سان ملاقات ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

ملاقات دوران پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، وفاقي وزير احسن اقبال، بچاءُ وارو وزير خواجه آصف، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم وارو وزير شاهد خاقان عباسي ۽ خاص صلاحڪار طارق فاطمي به موجود هئا.

ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ 21 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون، جن ۾ اقتصادي ۽ فني تعاون جو معاهدو به شامل آهي، معاهدي تحت فيصل آباد ۾ صنعتي پارڪ ٺاهيو ويندو.

ٻنهي ملڪن ۾ ٿر بلاڪ ٽو ۾ 65 لک ميٽرڪ ٽن ڪوئلي جي کاڻ، 870 ميگاواٽ سکي ڪناري هائڊرو پاور ۽ ساهيوال ۾تيرنهن سئو 20 ميگاواٽ بجلي منصوبي جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته جهمپير ۾هوا ذريعي 100ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ بهاولپور ۾ قائداعظم سولر پارڪ ۾ شمسي توانائي وارا معاهدا به شامل آهن.

ملاقاتن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته منصوبن سان بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ بجلي بحران ختم ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.

وزيراعظم چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو خطي جي تقدير بدلائي ڇڏيندو، ان منصوبي سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ غربت توڙي محرومين جو خاتمو ايندو.

نواز شريف جو چوڻ هو ته چين سان مضبوط اقتصادي ۽ واپاري حصيداري چاهيون ٿا، اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري جو ثبوت آهي.

وزيراعظم پنهنجي چيني هم منصب سان مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستاني عوام اوهان جي دوري جو منتظر آهي، هڪ سال اندر ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿيڻ گهرجي، هـُو گذريل 16 مهينن دوران ٽيون ڀيرو چيني دوري تي آيو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*