پي ٽي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته پاناما ليڪس کي گيم چينجر جي حيثيت حاصل آهي

shafqat-mehmood new

پي ٽي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته پاناما ليڪس کي گيم چينجر جي حيثيت حاصل آهي، ان کانپوءِ ڪنهن به ڪرپٽ حڪمران کي سڪون نصيب نه ٿيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته پاناما ڪيس بعد ڪرپٽ ماڻهن لاءِ احتساب ۽ پڪڙجڻ جو خوف هميشه تلوار جيان لٽڪندو رهندو.

هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پاناما ڪيس احتساب جو پهريو موقعو آهي، جڏهن حڪمرانن کان پڇا ڳاڇا ٿي رهي آهي.

شفقت محمود چيو ته چونڊيل هجڻ ڪنهن فرد يا قانون کي چيڀاٽڻ جو حق ۽ اختيار نه ٿو ڏئي.

هن چيو ته حقيقت ۾ عوامي نمائندو هئڻ ناطي اوهان تي مثالي شهري بڻجڻ جي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان جي وڏي بدقسمي آهي ته اسان پنهنجو قيادت کي ڏنو ۽ انهن بي رحمي سان قوم کي لٽيو.

شفقت محمود چيو ته اسان جي ملڪ جو انصاف وارو نظام ڪمزور ۽ بي اثرائتو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*