سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس جاري آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس جاري آهي، جنهن دوران حتمي رپورٽ جي تياري بابت جائزو ورتو پيو وڃي.

وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ اجلاس جاري آهي.

اجلاس ۾ قطري شهزادي جي لکيل آخري خط جو جائزو وٺڻ سان گڏ رپورٽ کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

اجلاس ۾ پاناما ليڪس ٿيل بابت جاچ  جو جائزو وٺي حتمي رپورت تيار ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته جي آءِ ٽي سومر جي ڏينهن حتمي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ ۾ جمع ڪرائيندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*