لاڙڪاڻي ۾ جتوئي برادري پاران مقتول نوجوان دائود جتوئي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مطاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو

larkana jatoi bradri pro

لاڙڪاڻي ۾ جتوئي برادري پاران مقتول نوجوان دائود جتوئي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مطاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.

غلام رسول جتوئي ۽ ولي محمد جتوئي جي اڳواڻي ۾ مقتول نوجوان جي وارثن جناع باغ اڳيان مين روڊ تي احتجاج ڪندي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 22 ڏينهن اڳ مٽي کڻڻ واري معاملي تان جوابدارن فائرنگ نوجوان دائود جتوئي کي قتل ڪيو هو پر اڃاتائين عاقل پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.

هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوجوان دائود جتوئي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*