ميرپورخاص ۾پاڻي جي کوٽ، ڪرپشن ۽ زرعي جنسن جا مناسب اگهه نه ملڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو

mirpur khas awami

ميرپورخاص ۾پاڻي جي کوٽ، ڪرپشن ۽ زرعي جنسن جا مناسب اگهه نه ملڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي،  مجيد ٻگهيو، ممتازکوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن  ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڪري ادارا تباهه ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبوڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري زرعي جنسن جا اگھه وڌايا وڃن، ڪرپشن ، دهشتگردي ۽  انتها پسندي جو خاتمو آڻي تعليم کي بهتربڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*