دادو ۾ شيخ برادري جي چڱي مڙس جي گرفتاري خلاف شيخ ۽ پنهور برادرين جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Dadu Sindh

دادو ۾ شيخ برادري جي چڱي مڙس جي گرفتاري خلاف شيخ ۽ پنهور برادرين جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عبدالغفور شيخ، عبدالرحمان پنهور، شمن شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾شيخ ۽ پنهور برادرين جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن  چيو ته ڪجهه  عرصو اڳ عورت شبنم مدثر شيخ جي خودڪشي واري واقعي ۾ سندس مڙس انجنيئر مدثر شيخ  جي گرفتاري بعد سندس  سهري زميندار نور محمد شيخ کي گرفتار ڪرڻ  ناانصافي آهي.

هنن چيو ته شبنم کي سندس پيءُ ڊاڪٽر شريف الدين بلوچ علاج ڪرائڻ لاءِ 15 ڏينهن وٺي ويو هو، جنهن کانپوءِ هو  مختلف دوائون واپرائيندي هئي.

هنن چيو ته شبنم پاڻ آپگهات ڪيو هو، هن جي ڪيس ۾ بيگناهن کي ڦاسايو پيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*