پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ معاشي طور مضبوط ٿيو آهي ۽ ملڪ جي ترقي جي رفتار ڏسي مخالفن جي بيچيني وڌي رهي آهي

shahbaz-sharif

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ معاشي طور مضبوط ٿيو آهي ۽ ملڪ جي ترقي جي رفتار ڏسي مخالفن جي بيچيني وڌي رهي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو آهي ته ڌرڻا گروپ ڏڦيڙ جي سياست سان ترقي جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

شهباز شريف چيو ته افراتفري ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ واري سياست نه ڪامياب ٿي آهي نه مستقبل ۾ ڪامياب ٿيندي.

هن چيو ته ڌرڻا گروپ جي هٺ ڌرمي ملڪ ۽ قوم جو تمام گهڻو نقصان ڪيوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*