اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 5ڏهائي 2 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

earth quick

اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد  سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 5ڏهائي 2 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

زلزلي پيماهه مرڪز موجب اسلام آباد، پشاور، سوات، مانسرهه، ايبٽ آباد ۽ ڪي پي جي ٻين علائقن ۾ زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو خوف وچان گهرن کان نڪري آيا.

مظفر آباد، بٽگرام، وادي نيلم، ڪوهستان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ زلزلي جي لوڏا محسوس ڪيا ويا پر ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

زلزلي پيماهه مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز ڪاغان وارو علائقو هو ۽ ان جي گهرائي 13 ڪلوميٽر هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*