ڪشميري نوجوان برهان واني جي ورسي ملهائي پئي وڃي، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته برهان واني جي شهادت سموري دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو

pm meet chaina meet

ڪشميري نوجوان برهان واني جي ورسي ملهائي پئي وڃي، وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته برهان واني جي شهادت سموري دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، هٿيارن جي زور تي آزادي واري تحريڪ کي دٻائي نٿو سگهجي.

برهان واني جي ورسي جي موقعي تي وزير اعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته برهاني واني جي شهادت کانپوءِ ڪشمير جو هر ٻار آزادي واري جذبي سان سرشار آهي.

نواز شريف چيو  آهي ته مصيبت جي هن گهڙي ۾ ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سندس اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکي ويندي.

وزير اعظم چيو ته ڪشميري ڀارت جو قبضو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*