تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ مهلت طلب ڪري ورتي آهي

Election-Karachi-28716

تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر  اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ مهلت طلب ڪري ورتي آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشنر ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته غيرملڪي فنڊن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ به هلي رهيو آهي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پارٽي فنڊنگ بابت جواب به جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ميمبر ارشاد قيصر چيو ته اليڪشن ڪميشن پارٽي فنڊنگ بابت حڪم نامي تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل استدعا ڪندي چيو ته پارٽي فنڊنگ ڪيس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته گذريل ٻڌڻي تي به اسان جي حڪم تي هن وقت تائين عمل نه ٿيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته 16 آگسٽ تي دليل ٻڌڻ بعد حڪم جاري ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*