محرابپور ۾ ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي مبينا ڪرپشن خلاف مخالف ڪائونسلرن ۽ شهرين ٽائون آفيس جو گهيراءَ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

mehrabpurmap02-9

محرابپور ۾ ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي مبينا ڪرپشن خلاف مخالف ڪائونسلرن ۽ شهرين ٽائون آفيس جو گهيراءَ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

منور بيگ مغل ۽ حاجي عمر الدين ڪمبوه جي اڳواڻي ۾ ڪائونسلرن ۽ شهرين ٽائون چيئرمين آفيس جو گهيراءَ ڪرڻ بعد گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ترقياتي ڪمن لاءِ آيل پئسا هڙپ ڪيا آهن ۽ من پسند ماڻهن کي نوازي رهيا آهن.

هنن چيو ته ٽائون چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ڪيترن ئي فرضي نالن تي پگهارون کڻي رهيا آهن، اڪثر ملازم بااثر ماڻهن جي بنگلن تي ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي ڪرپشن جي جاچ ڪري شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*