بلديا سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي وائکو ڪيو وڃي سردار لطيف کوسا

اڳوڻي گورنر ۽ پ پ جي جنرل سيڪريٽري سردار لطيف کوسا سڀ کان پهرين بلديا سانحي جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀتو نه ڏيڻ تان 2 سئو 59 ماڻهن کي قتل ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي، بلديا سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي وائکو ڪيو وڃي.

لاهور هائيڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار لطيفا کوسا چيو آهي ته حڪومت عوام کي رليف توڙي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، پيٽرول اگهن ۾ لاٿ جو به رليف عام عوام تائين نه پيو پهچي.

هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ حڪومتي رٽ نظر نه پئي اچي، سڄو ملڪ ڀٿاخورن حوالي ڪي ويو آهي.

سردار لطيفا کوسا جو چوڻ هو ته سڀ کان پهرين بلديا سانحي جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪليو وڃي، ڀتو نه ڏيڻ تان 2 سئو 59 ماڻهن کي قتل ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*