پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جــَي آءِ ٽي 10 جلدن تي ٻڌل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

supreme court

پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جــَي آءِ ٽي 10 جلدن تي ٻڌل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ جي درخواست تي ڏهين جلد کي عام نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڌريون رپورٽ جي ڪاپي حاصل ڪري سگهن ٿيون، اعليٰ عدالت تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي حڪومت پاران جاچ ڪميشن واري درخواست رد ڪندي حسين نواز جي درخواست اڪلائيندي جي آءِ ٽي ميمبرن کي مڪمل تحفط جو حڪم به ڏنو.

ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ جوڙيل 6 رڪني پاناما جي آءِ ٽي جي ميمبرن سخت سڪيورٽي ۾ سپريم ڪورٽ پهتا، جيڪي هڪ پاٺــَي واري دٻي ۾ 10 جلدن تي ٻڌل جاچ رپورٽ کڻي آيا هئا.

سپريم ڪورٽ جي اعجاز افضل جي سربراهي ۾ جسٽس شيخ عظمت ۽ جسٽس اعجازالحسن تي ٻڌل ٽي رڪني عملدرآمد بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.

جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ عدالت کي درخواست ڪئي ته رپورٽ جو ڏهون جلد عام نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ جاچ ۾ اهم ثابت ٿيندو، جنهن تي عدالت کانئس پڇيو ته ان جلد ۾ ڇا آهي؟ جنهن تي واجد ضياءَ چيو ته ان ۾ پرڏيهه مان رڪارڊ حاصل ڪرڻ جا تفصيل ۽ ٻيا به گهڻا رخ آهن، جيڪي مستقبل ۾ به ڪنهن جاچ ۾ اهم ثابت ٿي سگهندا.

سپريم ڪورٽ ڏهين جلد کي عام نه ڪرڻ  ۽ باقي رپورٽ جا 9 جلد اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي سڀني ميمبرن ۽ انهن جي ڪٽنبن کي به مڪمل تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي ميمبرن کي جاب سڪيورٽي به ڏني وڃي ۽ ڪوبه ادارو سندن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهندو.

سپريم ڪورٽ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مملڪتي وزير عابد شير علي، صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جي تقريرن جا مڪمل متن طلب ڪندي چيو ته انهن پنهنجي تقريرن ۾ عدالت کي ڌمڪيون ڏنيون هيون.

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ پهرين تصوير ليڪ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته چيو ته تصوير ليڪ ڪندڙ شخص جو نالو ظاهر ڪيو وڃي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته نالو ظاهر ڪرڻ تي اسان کي ڪو اعتراض نه آهي پر عدالت کي استدعا آهي ته ان معاملي تي ڪميشن جوڙي وڃي.

سپريم ڪورٽ حڪومت پاران معاملي تي ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد ڪندي چيو ته ڪميشن جوڙڻ عدالت جو ڪم نه آهي اسانجا ڪلها استعمال نه ڪيو. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويو آهي،  اوهان کي جيڪڏهن ڪميشن ٺاهڻي آهي ته ڀلي ٺاهي ڇڏيو.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته حڪومت چاهي ته تصوير ليڪ ڪندڙ شخص جو نالو ظاهر ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪري پر ڪميشن جوڙڻ اسان جي اختيارن ۾ نه ٿو اچي.

جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته تصوير ليڪ جي ذميوار  جو نالو عام ڪرن جو اختيار وفاق کي ڏنو ويو آهي، حڪومت عدالت جو ڪلهو استعمال نه ڪري.

سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻي ايندڙ سومر 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پڙهڻ بعد ڌريون ان موجب ئي دليل ڏين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*