ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آئل ٽينڪرن جي ڪلٽي ٿيڻ جي واقعن بعد سکر ۾ موٽروي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، قومي شاهراهه تي آئل ٽينڪرن جي فٽنس چيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آهي

sukkur oil tanker

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آئل ٽينڪرن جي ڪلٽي ٿيڻ جي واقعن بعد سکر ۾ موٽروي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، قومي شاهراهه تي آئل ٽينڪرن جي فٽنس چيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايس پي موٽروي سرور ڀيو چيو ته هن وقت تائين فٽنس مڪمل نه هئڻ سبب 3 هزار گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته آئل ٽينڪر گاڏين جا ٽائر به چيڪ ڪيا وڃن ٿا، ناقص ٽائر وارن 70 کان وڌيڪ آئل ٽينڪرن کي واپس ڪيو ويو آهي.

ايس پي موٽروي سرور ڀيو چيو ته بغير فٽنس جي ڪنهن به آئل ٽينڪر کي قومي شاهراهه تي سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، روڊ سيفٽي تي عمل ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*