نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو 10 باب پڌرو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته رپورٽ جو هڪ حصو ڳجهو رکڻ جو ڪهڙو مقصد آهي

 daniyal aziz

    نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو 10 باب پڌرو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته رپورٽ جو هڪ حصو ڳجهو رکڻ جو ڪهڙو مقصد آهي، جيڪو اصل ڪيس هو  ان تي عدالت ۾ ڳالهه ئي نه ڪئي وئي.

  سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته  اڄ جي آءِ ٽي کان اهو به نه پڇيو ويو آهي ته اها ڪهڙي نتيجي تي پهتا آهن.

     هن چيو ته قطري شهزادي جي بيان کانسواءِ جي آءِ ٽي رپورٽ ڪيئن ٿي مڪمل ٿي سگهي.

  دانيال عزيز چيو ته جي آءِ ٽي جي مڪمل رپورٽ پڙهڻ بعد وڌيڪ پنهنجو موقف پيش ڪنداسين ۽ عدالت جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو.

 هن چيو  سموري دنيا ۾ پاناما پيپرز تي ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي  پر هتي وڏي واويلا ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*