سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم کي ٺوس ثبوتن کانسواءِ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم کي ٺوس ثبوتن کانسواءِ گرفتار نه ڪرڻ حڪم ڏيندي سندس خلاف داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل هفتي اندر طلب ڪري ورتا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس صادق علي ڀٽي تي ٻڌل بئنچ مخدوم امين فهيم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ايف آءِ اي عملدارن کان پڇا ڪئي ته مخدوم امين فهيم خلاف ڪيترا ڪيس داخل آهن، جنهن تي هو عدالت کي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيا ۽  هنن مهلت طلب ڪئي.

عدالت اهڙي استدعا تي ايف آءِ اي کي پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم کي ٺوس ثبوتن کانسواءِ گرفتار نه ڪرڻ حڪم ڏيندي سندس خلاف داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل هفتي اندر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*