اليڪشن ڪميشن جي مستقل سيڪريٽري جي مقرري لاءِ نالا سامهون اچي ويا

اليڪشن ڪميشن جي مستقل سيڪريٽري جي مقرري لاءِ نالا سامهون اچي ويا آهن، محمد احسان، ڪامران قريشي ۽ ندرت بشير مان ڪنهن هڪ کي نئون سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن پاران اڳوڻي سيڪريٽري اشتياق احمد جي رٽائرمينٽ کانپوءِ مستقل سيڪريٽري لاءِ 3 نالا تجويز ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن موڪليا ويا هئا.

ذريعن موجب، 2 مهينا گذرڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ٽنهي نالن مان ڪنهن هڪ تي اتفاق ناهي ڪري سگهي پر ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون ۽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ تڪبنديون ويجهو اچڻ سبب جلد مقرري جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، محمد احسان، ڪامران قريشي ۽ ندرت بشير مان ڪنهن هڪ کي اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته اشتياق احمد جي  رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ سيڪريٽري جي مقرري ناهي ڪئي وئي، ايڊيشنل سيڪريٽري شيرافگن کي وقتي سيڪريٽري جي چارج ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*