الطاف حسين بابت عمران خان جا خيال قوم جي ترجماني آهن شيرين مزاري

 تحريڪ انصاف جـِي مرڪزي ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته الطاف حسين بابت عمران خان جا خيال قوم جي ترجماني آهن، متحده جي سربراهه کي گٿا لفظ ڳالهائڻ تي قوم جي مائرن ۽ ڀينرن کان معافي وٺڻ گهرجي.

 بلديه سانحي بابت جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ۾ لفظي جنگ ۾ تيزي ٿي وئي آهي.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي ترجمان هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته عمران خان، الطاف حسين بابت پنهنجي خيالن تي اڄ به قائم آهي.

شيرين مزاري چيو ته عمران خان، قوم جي ترجماني ڪري رهيو آهي، متحده اجائي واويلا ڪري جي ٽي آءِ رپورٽ کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري پئي.

پي ٽي آءِ ترجمان مطالبو ڪيو ته الطاف حسين، قوم جي مائرن ۽ ڌيئرن خلاف ڳالهايل گٿن لفظن تي معافي وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*