ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءَ جي اولڊ ٽوڙي بند ۾ هلندڙ ڪم تي هٿياربندن جي فائرنگ سبب بند ٿيل ڪم واري واقعي کان پوءِ
ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءَ جي اولڊ ٽوڙي بند ۾ هلندڙ ڪم تي هٿياربندن جي فائرنگ سبب بند ٿيل ڪم واري واقعي کان پوءِ ڪمشنر سکر غلام عباس بلوچ رينجرس جو سيڪٽر ڪمانڊنٽ امتياز ۽ ڊي سي منور علي مٺياڻي ٽوڙي بند پهچي ڪم جو معائنو ڪيو.
ڪمشنر غلام عباس بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اولڊ ٽوڙي بند تي هلندڙ ڪم مان مطمئن ناهيان، هن وقت تائين 20 سيڪڙو به ڪم نه ٿي سگهيو آهي.
هن چيو ته پٿرن جي بئنڪنگ به نه ٺاهي وئي آهي، جيڪا ايمرجنسي ۾ ڪم اچي سگهي.
انجنيئر محمد شريف مغيري چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان ڪم بند آهي پوليس جي موجودگي ۾ ڏوهاري پٿرن سان ڀريل گاڏين تي فائرگ ڪن ٿا.
انجنيئر محمد شريف مغيري چيو ته پوليس ڪجهه نه ڪري رهي آهي، ان ڪري رينجرس جي پڪٽ قائم ڪئي وڃي ته 20 ڏينهن ۾ ڪم مڪمل ڪيو ويندو.