چين جي سفارتي وفد سي پيڪ لاءِ سنڌ حڪومت جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته

sohail anwar china qafd

چين جي سفارتي وفد سي پيڪ لاءِ سنڌ حڪومت جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته چين مستقبل ۾ سنڌ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

چين جي قونصل جنرل وينگ يو جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني وفد سهيل انور سيال سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران اڳواڻن وچ ۾ سي پيڪ منصوبي لاءِ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي ۽ پوليس آفيسرن جي چين ۾ اسپيشل ٽريننگ ۽ سڪيورٽي جو سامان فراهم ڪرڻ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

چيني شهرين کي بهترين سڪيورٽي ڏيڻ تي چيني سفارتي وفد سنڌ حڪومت کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته سي پيڪ جهڙو عظيم منصوبو سنڌ سهڪار کان بغير ڪاميابي جي منزلي طئي نه پئي ڪري سگهيو.

چيني وفد چيو ته چين سنڌ پوليس کي پيشوراڻي تربيت ۽ جديد سامان فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

ملاقات دوران چيني وفد صوبائي گهرو وزير سان زرعي ڄاڻ ۽ ٽيڪنالوجي جي مٽا سٽا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*