نوازليگ اپوزيشن جي وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي

talar chuadhry

نوازليگ اپوزيشن جي وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو  آهي، طلال چوڌري چيو آهي ته نوازشريف ڪنهن جي چوڻ تي نه پر عوامي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪندو، حنيف عباسي چيو آهي ته جي آءِ ٽي عمران ۽ شيخ رشيد جي زبان ڳالهائي آهي، جلد عمران ۽ سندس پارٽيءَ تي پابندي لڳي ويندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو آهي  ته  شيخ رشيد چيو هو ته قرباني ڪٿان ڪيا، ڪاسائي ڀڄي ويو، ڇا اهو بيان توهين عدالت نه آهي؟

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اسان توهين نه پر عدالتن جو احترام ڪيو آهي.

طلال چوڌري چيو ته عمران خان جي والد کي ڪرپشن سبب نوڪري تان هٽايو ويو هو.

حنيف عباسي چيو ته عمران خان سال ۾ به بني گالا جي مني ٽريل عدالت ۾ جمع نه ڪرائي.

هن چيو ته عمران خان جو وڪيل تسليم ڪري چڪو ته وٽس مني ٽريل ناهي.عمران خان صاحب!  ٻڌائي ته يورپ جي دورن جا پيسا ڪٿان ٿا اچن؟.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*