وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پهرين 58 ٽـُو بــِي ذريعي حڪومتون ختم ڪيون وينديون هيون

Ahsan-Iqbal-13217

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پهرين 58 ٽـُو بــِي ذريعي حڪومتون ختم ڪيون وينديون هيون، هاڻي عدالت ذريعي 58 ٽـُو بـِي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حسين سهروردي کان نوازشريف تائين ڪنهن به حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو.     اسلام آباد ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته  ملڪ جا 35 سال مارشلا جي ور چڙهي ويا پر هاڻي  پاڪستان جو مستقبل روشن آهي.

وفاقي وزير چيو ته پهريان 58 ٽو بي هئي، هاڻي عدالتي 58 ٽو بي بڻائڻ جي ڪوشش ٿئي پئي، سولين حڪومت خلاف هڪ ڪيس ٺاهيو ويندو آهي.

احسن اقبال چيو ته ملڪ کي ترقي ڏيارڻ اسان جو ڏوهه بڻجي ويو آهي ،عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، عوام پسند نه ڪري ته ڀلي  اسان جو حشر زرداري جهڙو ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*