عمران خان چيو آهي ته اسان رڳو وزيراعظم نوازشريف نه پر شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار جي به فوري استيفا جو مطالبو ڪيون ٿا

Imran-Khan-10317

عمران خان چيو آهي ته اسان رڳو وزيراعظم نوازشريف نه پر شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار جي به فوري استيفا جو مطالبو ڪيون ٿا، رڳو استعيفا ڪافي نه آهي پر انهن جو ٺڪاڻو اڊيالا جيل آهي، تصديق ٿي وئي ته قطري جو خط ۽ بيان فراڊ هو.

بني گالا ۾ اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي  عمران خان چيو  ڌر وارو ڪردار ادا ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي به استعيفا ڏيڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو  شريف ڀائر ۽ اسحاق ڊار مني لانڊرر آهن، رڳو استعيفيٰ  ڪافي نه  آهي پر شريف ڀائرن جو گهر اڊيالا جيل آهي.

عمران خان چيو ته نواز شريف پارليامينٽ ۽ جي آءِ ٽي ۾ ڪوڙ ڳالهايو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ غلط دستاويز ڏيڻ به ڏوهه آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ڇا مني لانڊرنگ ڪندڙ ناڻي جو وزير ٿي سگهي ٿو، نواز شريف جو فرنٽ مين چوري جا پئسا ٻاهر موڪليندو هو.

هن چيو ته نواز شريف پنهنجي پيءُ  ۽ اولاد کي ڦاسائي ڇڏيو آهي، جي آءِ ٽي  جي رپورٽ بعد هو ڪهڙي منهن سان ميڊيا سامهون اچي رهيا آهن.

عمران خان چيو ته موٽو گينگ کي شرم وچان ٻڏي مرڻ گهرجي ۽ اهي اڃا به شريف ڪٽنب جي چوري جو دفاع ڪري رهيا آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته دبئي جي انصاف واري کاتي چيو ته گلف اسٽيل جو ڪو به پئسو نه هو ۽  حڪومت ادارن کي ٽيمپرنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*