عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وزيراعظم نوازشريف کان آڏي پڇا لاءِ درخواست داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

Shaikh-rasheed-17117

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وزيراعظم نوازشريف کان آڏي پڇا لاءِ درخواست داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف استعيفيٰ نه ڏني ته جيل ويندو.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته  نواز شريف جون  آف شور ڪمپنيون به سامهون اچي ويون آهن، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته پپو پنجن ئي پيپرن ۾ فيل ٿي ويو آهي، فوج ۽ عدليا سان ويڙهه نواز شريف جي ايجنڊا آهي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته نواز شريف قانون آڏو نه جهڪيو ته کيس جيل وڃڻو پوندو.

هن چيو ته ثابت ٿي ويو سڄو شريف خاندان ڪرپٽ آهي، نواز شريف جي نااهل ٿيڻ ۾ هاڻي ڪابه  گنجائش نه بچي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*