وزيراعظم نوازشريف جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

Nawaz-Sharif-2415-19916

وزيراعظم نوازشريف جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو  آهي، وزيراعظم ليگل ٽيم کي عدالت سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن، قانوني ماهرن، ڪابينا ميمبرز  چوڌري نثار،  خواجا آصف، احسن اقبال، اسحاق ڊار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ مريم نواز ۽ شهباز شريف به شرڪت ڪئي، جنهن دوران جي آءِ ٽي جي رپورٽ بعد پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته قانوني ماهرن پاران وزير اعظم کي بريفنگ ڏني وئي.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملڪ جي امن امان جي صورتحال جو به جائزو ورتو.

وزيراعظم جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪندي  ليگل ٽيم کي عدالت سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*