آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چين پاڪستان راهدري منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني عملي ۽ غيرملڪين جي سيڪيورٽي لاءِ سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي

Ig-Sindh-AD-Khuwaja-17317

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه   چين پاڪستان راهدري منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني عملي ۽ غيرملڪين  جي سيڪيورٽي لاءِ سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اپيڪس فالو اپ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبي ۾  امن امان جي صورتحال ۽ قومي ايڪشن پلان تي عمل درآمد جو جائزو ورتو.

آءِ جي سنڌ عملدارن کي هدايت ڪئي ته گهرو کاتي جي اجازت کان بغير حڪومت جي ايراضي تي ڪنهن به قسم جي تعميراتي ڪم جي اجازت نه ڏني وڃي.

اي ڊي خواجه هدايت ڪئي ته نفرت پکيڙيندڙ لٽريچر جي ورهاست کي سختي سان روڪيو وڃي ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ تي به پوري طرح عمل ڪرايو وڃي.

آءِ جي سنڌ چيو ته ٿاڻن کي فورٿ شيڊيول لسٽ تي عمل جو پابند بڻايو وڃي.

اجلاس دروان اي ڊي خواجه ڊي آءِ جي اوڀر کي سينٽرل جيل جي سڪيورٽي جي جائزي ۽ وڌيڪ قدم لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو.

اي ڊي خواجه منشيات ۽ سماجي برائن کي روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جي هدايت پڻ ڪئي.

آءِ جي سنڌ سڪيورٽي هدايتن تي عمل نه ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻن کي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*