چاغي ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ 15 هٿياربند مارجي ويا هڪ اهلڪار شهيد

بلوچستان جي علائقي چاغي ۽ بسيما ۾ سڪيورٽي فورسز  ۽  ڳجهن ادارن جي سرچ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ٽن اهم ڪمانڊرز سميت 15 هٿياربند مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، چاغي، بسيما ۽ وشڪ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهم ڪمانڊرز سميت 15 هٿياربندن مارجي ويا.

ايف سي ترجمان موجب، سرچ آپريشن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

ايف سي ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ڳرا هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*