ٿاڻو بولا خان ويجهو هاءِ وي تي ايمبولينس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Road-Accident-201016

ٿاڻو بولا خان ويجهو هاءِ وي تي ايمبولينس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڪراچي کان خيرپور لاش کڻي ويندڙ ايمبولنس جو هاءِ وي تي ٽرالر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ مسمات عظميٰ چنو فوت ٿي وئي، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو  ويو.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کڻي ويندڙ  ايمبولنس سان حادثي ۾ هڪ عورت فوت ٿي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*