فرانس ۾ جاري ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 10 هين مرحلي ۾ جرمني جي سائيڪل سوار مارسل ڪيٽل ڪاميابي ماڻي ورتي آهي

france cycle rally

فرانس ۾ جاري ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 10 هين مرحلي ۾ جرمني جي سائيڪل سوار مارسل ڪيٽل ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو 10هون مرحلو پريگريس کان برگريس تائين ٻڌل هو.

10 هين مرحلي دوران سمورن سائيڪل سوارن 178 ڪلوميٽرس جو فاصلو طئه ڪيو.

10مرحلي ۾جرمني جي سائيڪل سوار مارسل ڪيٽل مقرره فاصلو 4 ڪلاڪ  ۽ هڪ منٽ ۾ طئه ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.

سندس هم وطن ڊينگسيب ٻي، جڏهن ته نيڌرلينڊ جي سائيڪلسٽ ڊيلن گرينوچ ٽيئن پوزيشن حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*