ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان روي شاستري کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي

ravi shahtrii

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان روي شاستري کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻو ڪپتان روي شاستري ان کان پهرين 2014کان 2016تائين ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڊائريڪٽر رهي چڪوآهي.

انيل ڪمبلي کي انڊين ڪرڪيٽ بورڊ هڪ سال لاءِ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرره ڪيو هو، پر آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پاڪستان هٿان شڪست بعد انيل ڪمبلي ۽ويرات ڪوهلي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيا،جنهن سبب انيل ڪمبلي ڪوچنگ تان استعفيٰ ڏني.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ درخواستون طلب ڪيو،جنهن لاٰٰءِ 10مان پنج نالن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو.

شارٽ لسٽ ٿيل ۾ رچرڊ پائيبس، لال چند راجپوت، ٽام موڊي، وريندر سهواڳ ۽ روي شاستري شامل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*