زمبابوي جي ٽيم هٿان ون ڊي سيريز ۾ شڪست بعد سري لنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ڪپتاني تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

angelo mathews

زمبابوي جي ٽيم هٿان ون ڊي سيريز ۾ شڪست بعد سري لنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ڪپتاني تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽس مطابق اينجلو ميٿيوز زمبابوي جي ٽيم هٿان ون ڊي سيريز ۾ شڪست کي پنهنجي ڪيريئر جي بدترين شڪست قرار ڏنو آهي.

سري لنڪن ميڊيا مطابق سري لنڪن ڪپتان اينجلو ميٿيوز زمبابوي جي ٽيم هٿان ون ڊي سيريز ۾ ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز تان شڪست بعد ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي سميت ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڪپتاني تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

اينجلو ميٿيوز 34 ٽيسٽ  98 ون ڊي ۽12 ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ ٽيم جي قيادت ڪئي.

سري لنڪن ٽيم گذريل سال آسٽريليا جي ٽيم کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪئي هئي.

ٽيم سندس قيادت ۾ 13 ٽيسٽ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*