فٽنس جي مسئلن جي ور چڙهيل ٽِيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل فٽنس کي بهتربڻائڻ لاءِ باڪسنگ جي تربيت شروع ڪري ڇڏي آهي

umar akmal

فٽنس جي مسئلن جي ور چڙهيل ٽِيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل فٽنس کي بهتربڻائڻ لاءِ باڪسنگ جي تربيت شروع ڪري ڇڏي آهي.

سوشل ميڊيا تي عمر اڪمل جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي،جنهن ۾ هو انگلينڊ ۾ هڪ گهر اندر باڪسنگ ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

هي وڊيو اهڙي وقت تي آئي آهي، جڏهن ته قومي سليڪشن ڪميٽي کي کيس سنٽرل ڪانٽريڪٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.

عمر اڪمل لاهور ۾ جاري هاءِ پرمارمنس ڪيمپ اڌ ۾ ڇڏي لندن هليو ويو آهي، جنهن تي بورڊ عملدار ۽ سليڪٽر ناراض آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل گوڏي جي انجري جي ور چڙهي ويو آهي ۽ هو اهو چئي انگلينڊ ويو آهي ته انگلينڊ ۾ گوڏي جو اعلاج ڪرائيندو۽ اتي بحالي جي پروگرا۾ شرڪت ڪندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمر اڪمل گوڏي ۾ فلوئڊ جي شڪايت ڪئي ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪوچز کي ٻڌايو ته هو اعلاج لاءِ انگلينڊ وڃي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر اڪمل کي مڪمل فٽ ٿيڻ ۾ چار کان پنج هفته لڳي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*