ڪراچي ۾ جهيڙي کانپوءِ 6 ٻارڙن کي ايڌي سينٽر ۾ ڇڏي ويندڙ والدين پنهنجي ٻارڙن کي واپس وٺي ويا

ڪراچي ۾ جهيڙي کانپوءِ 6 ٻارڙن کي ايڌي سينٽر ۾ ڇڏي ويندڙ والدين پنهنجي ٻارڙن کي واپس وٺي ويا آهن.

والدين جهيڙي کانپوءِ 6 ٻارڙن کي ايڌي سينٽر ۾ ڇڏي ويا هئا، جيڪي ڪيترائي ڏينهن اتي ترسيل هئا، جن کي وٺڻ لاءِ اڄ زال مڙس سينٽر پهتا.

ايڌي سينٽر پهتل ٻارڙن جي والد جو چوڻ هو ته زال سان جهڙي کانپوءِ سندس ساهرا ٻارڙن کي ايڌي سينٽر ڇڏي ويا هئا.

هن چيو ته زال سان ٺاهه کانپوءِ هو ٻارڙن کي وٺڻ لاءِ سينٽر پهتا آهن ۽ هو يقين ڏيارين ٿا ته ٻارڙا ساڻن گڏ رهندا.

والدين پاران ٻارڙن کي ايڌي سينٽر ۾ ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ جي گورنر ٻارڙن ۽ سندن والدين جي ڪفالت جو اعلان ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*