وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي منصوبن سان خطي ۾ واپار جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ ريلويز جي نظام کي بهتر ڪري رهيا آهيون

khuwaja saad raifue

وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي منصوبن سان خطي ۾ واپار جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ ريلويز جي نظام کي بهتر ڪري رهيا آهيون، حڪومت ريلوي ذريعي واپار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ ريلويز بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته حڪومت ريلوي ذريعي واپار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته گوادر بندرگاهه ذريعي چين جي شين جو واپار ٿي سگهندو.

هن چيو ته ايران ۽ ترڪي رستي ٽرين ذريعي يورپ تائين سفر ممڪن ٿي سگهندو.

خواجا سعد رفيق چيو ته تهران ۽ استنبول ڪنٽينر ٽرين ذريعي پاڻ ۾ ملايو ويندو

خواجا سعد رفيق چيو ته خطي ۾ تجارت لاءِ ريلوي جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ 8 ارب جي لاڳت سان لائن ون منصوبي جي اپ گريڊيشن به ڪئي پئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*