ملڪ ۾ چئوماسي برساتن جو سلسلو جاري آهي، پنجاب ۾ چئوماسي برساتن تباهي مچائي ڇڏي

rain

ملڪ ۾ چئوماسي برساتن جو سلسلو جاري آهي، پنجاب ۾ چئوماسي برساتن تباهي مچائي ڇڏي، گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هلڪي برساست آهي، جڏهن پنجاب ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي.

گجرات ۾ 138 ۽ سيالڪوٽ ۾ 113 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ تيز سبب ندين ۽ نالن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ لڳي آهي.

ڪشمير، اسلام آباد، مري، لاهور، سيالڪوٽ، ڪوئيٽا سميت بلوچستا، ڪي پي ۽ فاٽا ۾ برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ پاڻي اسپتالن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو اهي. جڏهن ته روڊ رستا به ندين نالن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ پنجاب، ڪي پي ۽ ڪشمير جي اڪثر علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، لاهور، گجرانوالا، راولپنڊي، اسلام آٻاد، ڪشمير، مردان ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو.

موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر فاٽا، گلگت بلتستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

ٻي طرف گجرانوالا ۾ اعواڻ چوڪ ويجهو برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب، گجرانوالا ۾ ڇت ڪرڻ جو ٻيو واقعو پيش آيو آهي، جهن دوران فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب، گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويلن ۾ ماءُ، ڌيءُ ۽ پٽ شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*