پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ منظرعام تي اچڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي چڪي آهي

Shahbaz-sharif-81116

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ منظرعام تي اچڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي چڪي آهي، عمران خان جيتري به ڪوشش ڪري چور دروازي ذريعي اقتدار ۾ نٿو اچي سگهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عمران خان سياست مان ڪوڙ ۽ گارگند ڪڍي ڇڏي ته وٽس ڪجهه به نه بچندو.

هن چيو ته عمران خان خلاف الزام لڳائڻ تي 10 ارب روپين جي حرجاڻي واري دعويٰ داخل ڪرائي آهي، عمران خان جي منهنجي خلاف خراب ٻولي استعمال ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.

شهباز شريف چيو ته عمران خان سندس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن جو هو انتظار ڪري رهيو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ منظرعام تي اچڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي وئي آهي.

هن چيو  عمران خان جو سٺو دارومدار جي آءِ ٽي جي دستاويزن تي آهي. هو هميشه مصنوعي سهارا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

شهباز شريف چيو ته عمران خان ڪيتري به ڪوشش ڪري پر هو چور دروازي ذريعي اقتدار ۾ نه ٿو اچي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*