پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي هر نياڻي تعليم ڏياري ويندي

Bilawal-Bhutto-24217

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي هر نياڻي تعليم ڏياري ويندي، پيپلز پارٽي ۽ محبت وطن عوام پنهنجي عورتن کي پوئتي رهڻ نه ڏيندا.

ملالا ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ثابت ڪيو ته عورتون وزيراعظم، جج ۽  پوليس اهلڪار به بڻجي سگهن ٿيون.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ محبت وطن عوام پنهنجي عورتن کي ڪڏهن به پوئتي نه ڇڏيندا.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته پاڪستان جي نياڻي کي تعليم ڏياري ويندي ته جيئن ملڪ جو مستقبل روشن ٿي سگهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي پاڪستان جي هر نياڻي کي ملالا جي طرح تعليم ۾ اڳتي ڏسڻ چاهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*