ٺٽي ۾ تيز رفتار ڊمپر ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو

Thatta24-8

ٺٽي ۾ تيز رفتار ڊمپر ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو، پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

ٺٽي جي باءِ پاس موڙ وٽ ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪار اختر بروھي کي تيز رفتار ڊمپر ٽڪر ھنئي، جيڪو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

موقعي تي موجود پوليس موبائل فرار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائيور جو پيڇو ڪيو ۽ مڪلي وٽ کيس روڪي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس واقعي واري هنڌ تان فوت ٿي ويل پوليس اهلڪار جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس فوت ٿي ويل اهلڪار اختر بروهي جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*