دادو ۾ کير، ڏهي ۽ چانهه جي اگهن ۾ واڌ خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

Dadu Sindh

دادو ۾  کير، ڏهي ۽ چانهه جي اگهن ۾ واڌ خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ميوو سولنگي ۽ غلام مصطفي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته دڪاندارن ۽ هوٽل وارن ڏهي، کير ۽ چانهه جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ ڪري شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کير، ڏهي ۽ چانهه جا هٿرادو اگهه وڌائيندڙ دڪاندارن ۽ هوٽل وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، بي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*