اوٻاوڙي ۽ خانپورمهر ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش جي بدلي خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي شهر ۾ هڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

khanpur meher ssp pro

اوٻاوڙي ۽ خانپورمهر ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش جي بدلي خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي شهر ۾ هڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

اوٻاوڙي شهر ۾ هڙتال سبب ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا، مولانا بشير احمد شر ۽ غلام ياسين رند جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

خانپور مهر ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن ۽ شهرين ثناءَ الله گڏاڻي ۽ خان محمد پتافي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ايس ايس پي مسعود بنگش جي اچڻ سان ضلعي گهوٽڪي مان قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائي امن بحال ڪرايو هو.

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي مسعود بنگش جي بدلي روڪي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*