پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود ۽ اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جي حڪومت ڪرڻ واري صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي

mehemood or asad umer pti pc

پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود ۽ اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جي حڪومت ڪرڻ واري صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي، جي آءِ ٽي ۾ شريف خاندان جي جواب مان لڳي ٿو ته سندن يادداشت ڪيتري ڪمزور آهي، نوازشريف پاڻ استعيفيٰ ڏئي ها ته بهتر هو هاڻي کيس وڃڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شفق محمود چيو ته شريف ڪٽبن جي سعودي وڃڻ تي اسحاق ڊار نارض ۽ ڪاوڙيل هو.

هن چيو ته اسحاق ڊار مشرف دور ۾ ناڻي وارو وزير ٿيڻ پئي چاهيون پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي هئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جي ءِ ٽي رپورٽ مان اندازو ٿئي ٿو ته نوازشريف جو عقل ڪيترو آهي.

شفقت محمود چيو ته نوازشريف جي آءِ ٽي سان سهڪار نه ڪيو، هاڻ کيس عزت سان وڃڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سعد رفيق چوي ٿو ته هي عاليم سازش آهي، نواز ليگ ۽ سعد رفيق کي خواب ۾ صرف عمران خان ئي نظر ايندو آهي.

شفقت محمود چيو ته تحريڪ انصاف نه پر جي آءِ ٽي چئي رهي آهي ته  فوجداري ڪيس بڻجڻو آهي.

اسد عمر چيو ته اسحاق ڊار عمران خان جي عزت واڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هن چيو ته  جي آءِ ٽي کي پڪا ثبوت فراهم ڪيا ويا آهن، ٻڌايو وڃي ته اسحاق ڊآر جي آءِ ٽي ۾ ثبوتن سان جواب ڇو نه ڏنو؟

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عقل ۽ نقل جي ضرورت پوندي آهي، دفاع ۾ جيڪي دستاويز پيش ڪيا ويا اهي جعلي هئا.

اسد عمر چيو ته اسحاق ڊار جي حديبيه پيپر ملز ڪيس ۾ ڏنل بيان سچو ثابت ٿيو، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار حديبيه پيپرز ۾ سچ ڳالهايو هو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته نوازشريف پٽ جي ڪمپني ۾ چيئرمين ۽ پگهاردار ملازم رهيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*