جي يو آءِ سربراهه مولانافضل الرحمان چيو آهي ته پاناما معاملي کي هرو ڀرو جبل بڻايو ويو آهي

molana fazal

جي يو آءِ سربراهه مولانافضل الرحمان چيو آهي ته پاناما معاملي کي هرو ڀرو جبل بڻايو ويو آهي، نوازشريف جو اقتدار ۾ رهڻ يا نه رهڻ اسان جو مسئلو نه آهي، قومي مفاد کي سامهون رکي پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، ملڪي بقا ۽ سياسي استحڪام پهرين ترجيح هئڻ گهرجي.

پشاور ۾ عيد ملن پارٽي جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عدالت پاناما جي درخواست فضول قرار ڏني هئي، پر هاڻ اها بلا بڻجي وئي آهي.

هن چيو ته نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ اصل ۾ سي پيڪ جو خاتمو چاهين ٿا.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته تلوار ۽ بندوق جي جاءِ ووٽ وٺي ڇڏي آهي ۽ هاڻ فوج نه پر عوام فيصلا ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پاناما معاملي کي هرو ڀرو جبل بڻايو ويو آهي، نوازشريف جو اقتدار ۾ رهڻ يا نه رهڻ اسان جو مسئلو نه آهي، پاليسيون ملڪي بقا ۽ سياسي استحڪام کي نظر ۾ رکندي ٺاهڻ گهرجن.

هن چيو ته آمريڪا القاعده کانپوءِ داعش کي بنياد بڻائي جنگ جاري رکڻ گهري ٿو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت سي پيڪ کي برداشت نٿا ڪن ۽ انخلاف سازشون ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*