سيٺارجا ويجهو نوجوان کي مبينا گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، سندس وارثن چيو ته نوجوان محبت علي کي ساهرن گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي

setharja qatal

سيٺارجا ويجهو نوجوان کي مبينا گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، سندس وارثن چيو ته نوجوان محبت علي کي ساهرن گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو.

ڳوٺ غلام محمد سمور ۾ گذريل رات گهر ۾ ستل نوجوان محبت علي شيخ کي جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

سيٺارجا پوليس نوجوان محبت علي جو لاش ميرواهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

مقتول نوجوان جي والده ۽ ڀاءَ فرمان شيخ الزام هنيو ته محبت علي کي خليل، صدر ۽ زاهد گهر ۾ داخل ٿي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ فرار ٿي ويا آهن.

 پوليس شڪ جي بنياد تي مقتول نوجوان جي سهري لال بخش عرف لالو راڄپر کي گرفتا ڪري ورتو آهي، پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*