لاڙڪاڻي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پورهيت انصاف دايو کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Larkana-Police-Map-12517

لاڙڪاڻي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پورهيت انصاف دايو کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نظر محلي جي رهواسين احسان دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پورهيت جي وارث عورتن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ پورهيت انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪنهن به ٿاڻي تي ڏس پتو نه ملي رهيو آهي.

هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته پورهيت انصاف دايو کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*