پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو آهي

khursheed shah

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو آهي، خورشيد شاهه آهي ته پارليامينٽ کي اهميت نه پئي ڏني وڃي، واپڊ چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا پر هو حاضر نه ٿيو.

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ پي اي سي جي اپوزيشن ميمبرن پاران بجلي منصوبن جي فنانسنگ لاءِ قرض ڏيڻ تي اعتراض واريو ويو.

اجلاس ۾ نيلم جهلم پن بجلي منصوبي تي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي.

اعظم سواتي بريفنگ ڏيندي چيو ته نيلم جهلم منصوبي جي ڊيزائن تبديل ڪرڻ سبب لاڳت ۾ اضافو ٿيو آهي، هن وقت تائين منصوبي جي لاڳت 500 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي.

بريفنگ ڏيندي اعظم سواتي چيو ته جيالوجيڪل سروي بعد هن منصوبي کي تبديل ڪيو ويو، نيلم جهلم پن بجلي منصي جي شروعاتي لاڳت جو مجموعي طور 80 ارب رپيا هئي.

اعظم سواتي چيو ته ڊيزائن جي تبديلي سان منصوبي جي لاڳت ۾ 6 واپڊا وارا غريبن کي لُٽي پنهنجا گهر ڀري رهيا آهن.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين خورشيد ساهه گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ واپڊ چيئرمين جي غير حاضري تي رولنگ ڏني.

خورشيد شاهه واپڊا چيئرمين سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پارليامينٽ کي اهميت ڇو نه ٿا ڏيو؟

ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ڇا اوهان کي خبر نه آهي ته پي اي سي وڏو فورم آهي. اوهان کي ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

خورشيد شاهه چيو ته ٻڌايو وڃي ته اجلاس ۾ نه اچڻ جا ڪهڙا سبب هئا.

جواب ۾ واپڊا چيئرمين چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي ڊونرز سان گڏ ملاقات هئي،جنهن سبب هن شرڪت نه ڪئي پر سندس اسٽاف سڄي رڪارڊ سان گڏ اجلاس ۾ موجود هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*