سينيئر سياستدان جاويد هاشمي شيخ رشيد کي درٻاري قرار ڏيندي چيو آهي ته فرار ٿيل مشرف هاڻي بادشاهه ٿي ڳالهيون ڪري رهيو آهي

javed hashmi

سينيئر سياستدان جاويد هاشمي شيخ رشيد کي درٻاري قرار ڏيندي چيو آهي ته فرار ٿيل مشرف هاڻي بادشاهه ٿي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون سياستدانن ڏنيون آهن، عمران خان منهنجي ڳالهين جي ترديد ڪري ته معافي وٺي ڇڏيندس.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد هاشمي چيو ته شيخ رشيد هر هڪ جو درٻاري رهي چڪو آهي، هو کيس مرشد سڏڻ سان گڏ هن تي نظر به رکندو هو.

هن چيو ته نواز شريف ڪڏهن به هن کي پسند نه ڪيو ۽ نه ئي وري کيس ڪڏهن خوشي مان ٽڪيٽ ڏنائين، جڏهن ته هو نواز شريف لاءِ مسئلا پيدا به پيدا ڪندو رهيو.

سينئر سياستدان چيو ته فرار ٿيل مشرف هاڻي بادشاهه ٿي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون سياستدانن ڏنيون آهن، عمران خان ڌرڻي دوران حڪومت ختم ڪرڻ بابت مختلف ادارن جو ذڪر ڪيو هو، منهنجي ڳالهين جي ترديد ڪري ته معافي وٺندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*