پاڪ ۽ چين اقتصادي راهداري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي احسن اقبال

 ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ تبديلي واري خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته منصوبي کي تڪراري بڻائڻ جون ڪوششون پيون وڃن ۽  پاڪستان جي ترقي جا دشمن رڪاوٽون وجهي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي رهي آهي.

هن چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان ملڪ ۾ ترقي جا نوان رستا کلندا، منصوبي تي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ ئي عوام جي ڳڻتي ختم ٿيندي.

احسن اقبال چيو ته سازشي عنصرن ملڪ جي ترقي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ۽ پاڪ-چين اقتصادي راهداري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي چئني صوبن جي مفادن ۽ ترقي موجب آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*